اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ملاقات ڪئي ۽ ڪراچي جي رهواسين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. هڪ ٽوئيٽ موجب ڪراچي جي ميئر بجلي جي بندش ۽ شهر ۾ ڊگهي وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وسيم اختر چيو ته شديد لوڊشيڊنگ جي ڪ??ي ڪراچي جي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪراچي کي بجلي جي بنا رنڊڪ فر??همي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ مدد فر??هم ڪئي وڃي.