اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا کان حفاظت سان گڏوگڏ ڪاروبار زندگي جاري رکڻ جي لاءِ معيشت جو ڦيٿو هلڻ ضروري آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي وي?? آهي ته عوام به باشعور پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏيندي حڪومتي ايس او پيز جي مڪمل پاسداري ڪري ته جي??ن جزوي لاڪ ڊائون ۽ وبا کان بچي سگهجي.