اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منص??بن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسي??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳال??ائ??ندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منص??بن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.