اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي ??ور?? تي گلگت بلتستان پهتو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ ??جل??س کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن با??ي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.