اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته ڪرونا کان بچاءُ ۽ ان کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ميڊيا آگاهي جي ذريعي اهم ڪردا?? ادا ڪري رهي آهي جيڪو تحسين لائق آهي، ان چئلينج کان سرخرو ٿيڻ لاءِ ميڊيا کي پنه??جو حصيدار سمجهون ٿا، موجوده صو??تحال ۾ افراتفري ۽ افواهه کان بچڻ ضروري آهي، وڌيڪ باخبر رهڻو آه?? ته جيئن اتحاد ۽ يڪجهتي سان ان وائرس جو مقابلو ڪري سگهجي.