اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اق??يتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اق??يتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اق??يتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾??قل??تن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اق??يتن جي ڏينهن تي قوم جي تعمير جي عمل ۾ اق??يتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلام اسان کي اق??يتن جي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ??اڻ??ن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان اق??يتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اق??يتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چيو ته پاڪستان اق??يتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اق??يتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته اق??يتون قومي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.