اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پ?? پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪا?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاح??ار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر ۽ وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪا?? ڊاڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.