اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين“ جي لاءِ اپيل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪو به ليڊر ان وقت تائين آرام سا?? نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين په?? نه ٿي ??لي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين جي لاءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان گڏ شامل ٿي ??يو آهي، ان اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ويڪسين تيار ٿي ??ڃي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀني ماڻهن کي مفت ملڻ گهرجي.