ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي: وزيراعظم

image
APP48-01 CHILAS: November 01 - Chairman WAPDA briefs Prime Minister Imran Khan on progress of work at Diamer Bhasha Dam site. APP

ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی