اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان ۽ يو اي اي واپار، توانائي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ جامع اقتصادي حصيداري سان ترقي ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي جي قيادت ۾ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پاڪستان جي مسلسل حمايت تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ ??حم?? بن زايد سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ??حم?? بن راشد المڪتوم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري جهڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جامع اقتصادي حصيداري کي اجاگر ڪيو، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار رکي ٿي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يو اي اي جي وفد جو هي دورو پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. يو اي اي جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان ۾ اي ڊي پورٽس جي موجوده سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ جهاز راني، بندرگاهن جي ڪارڪردگي وڌائڻ، لاجسٽڪس ۽ ڪسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ابوظهبي اي ڊي پورٽس گروپ سان ميري ٽائيم افيئرز، ايوي ايشن، ريلويز ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو بابت چار مفاهمتي ي??دد??شتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. مفاهمت جي انهن ي??دد??شتن موجب پاڪستان ۽ اي ڊي پورٽس گروپ ڪسٽم، ريلويز، ايئرپورٽس جي بنيادي ڍانچي، ميري ٽائيم شپنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ امڪاني ت??اون جي ڳولا ڪن. انهن مفاهمت جي ي??دد??شتن جو مقصد ڊيجيٽل ڪسٽم ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ، مال بردار ريل جي لاءِ وقف ڪيل ڪوريڊورز تيار ڪرڻ، پاڪستان جي سامونڊي ٻيڙي ۽ ميرين سروسز سان گڏوگڏ پاڪستان جي عالمي هوائي اڏن کي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. گڏيل عرب امارات جي وفد ۾ ڪاهيل گروپ جو چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم، ابوظهبي پورٽس گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيپٽن ??حم?? الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ اي ڊي پورٽس جا سينيئر عملدار شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه ??حم?? آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وفاقي وزير ??حم?? اورنگزيب، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، ايس اي پي ايم طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شامل هئا.