بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ فني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ ??ني??دي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ”??ني??دي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ“ جي خصوصي موضوع تي هڪ گروپ مطالعو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌ?? سائنسي ۽ فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ ??ني??دي تحقيق هڪ انتهائي اهم حصو آهي، چين ??ني??دي تحقيق لاءِ اداره جاتي گارنٽي، سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي مضبوط بڻا??ين??و. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل ترقياتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تعاون ۽ کليل سهڪار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، چين هڪ عالمي ??ني??دي تحقيقي تعاون جو پليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تحقيقي فنڊ قائم ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو قومي منصوبو ??ائم ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تحفظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي مسئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تحقيق کي سگهه ڏيندو.