اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي ح??الي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ح??الي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪ??ل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ح??الي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪ??ل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن ??يصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.