اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ?? هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل م??ڊيا ماحول جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي مو??عي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ ج??يد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.