ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ??وام جو تحفظ ۽ غربت جو خا??مو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ارب??ن روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مس??حق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ??ڌا??و ته ??حساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته ??هي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائ??ن رابطو ڪرڻ گهرجي ته ??ئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ??ڌا??و ته ??يڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ??ن جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.