اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن ش??بن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون ??ي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي و??ير??عظم عمران خان کي ٽيليفون ??يو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ??ٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اس??ريٽجڪ تعاون ??ائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي و??ير??عظم ترڪيءَ سان سمورن ش??بن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. و??ير??عظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.