اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو?? توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخو??هه صوبي سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخو??هه جي گورنر ش??هه فرمان، خيبرپختونخو??هه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ?? انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.