مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي?? مودي جي انتهاپسند حڪومت م??لمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آهي جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ??يو ويندو، حڪومت لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، احساس پروگرام تحت م??لي مدد کانسواءِ پوري آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي سمورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائن آف ڪنٽرول جي رهواسين جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.