اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو ??ڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو ??و باصلاحيت، ذهين ۽ باه??ت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو ??ڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو ??قابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ ه??ت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو وي?? آهي.