اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ڪابينا جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) درآمدي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي ??والي سان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي درآمد ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نقصان کان بچڻ جي لاءِ مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي. اي سي سي ج?? اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ??ي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي فيصلن، آبزرويشنز ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي ??والي سان ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي ??وشني ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي هيومن ريسورس ريئلائيزيشن منصوبي جي مڪمل ۽ حتمي منظوري ڏئي ڇڏي.