اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي ر??يف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي ??دب??رون اختيار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي ر??يف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي س??ن روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زميني حقيقتن خاص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئي ويندي ج??هن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عوامي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.