اسلام آبا?? – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستا?? براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي ا??ندڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئي?? براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي ا??نالاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.