سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??ددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي مقامي ڪاليج ۾ منعقد تقريب ۾ خاص ??همان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي، هڪ ڇوڪري جي تعليم صرف هڪ شخص جي تعليم آهي جڏهن ته هڪ ڇوڪريءَ جي تعليم پوري معاشري جي تعليم آهي، هن چيو ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهن جنگ ميدان ۾ وڙهي ويندي هئي هاڻي جنگ معاشي م??اذ تي وڙهي ويندي آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ 52 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن به صورت ۾ م??اذ جنگ کان پري نٿا رکي سگهون ۽ اسان 52 سيڪڙو آبادي تي مشتمل عورتن کي جديد علم ۽ فن س??ن هم آهنگ ڪري معاشي ميدان ۾ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري سڄي دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ڪنداسين.