اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي اداري کي وڌيڪ بااختي??ر، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رک?? لاءِ پاڪس??ان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ويل نوجوان اسامه ??تي جي والدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي لاءِ قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو پيو اچي، اڄ 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي فنڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائري کي وڌائڻ آهي.