اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان پنجاب جي نگران و??ي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سيد محسن رضا نقوي کي پنجاب جي نگران و??ي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون آئين موجب احسن طريقي سان سرانجام ڏيندو ۽ اليڪشن جي عمل کي غيرجانبداراڻو ۽ شفاف بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.