اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب چي?? آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهي?? آهي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عمران خان جي اتس??هڻ تي منگلا ڊيم جي مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسناڪ حرڪت ڪئي، عمران خان پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي منفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مفادن کي ٺيس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عمران خان جي بيان تي ر??عمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شرم سياست ڪري رهي?? آهي، ڪشمير فروش وزيراعظم شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻ?? آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا تبديل ڪندڙ قومي مفاد تي ر??ند کيڏي رهي?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افسوس آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پنهنجي منصب جو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذاتي، پارٽي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي منصب تي فائز آهي. وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ڄاڻي واڻي وزيراعظم جي تقريب دوران مداخلت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف نرمي سان کيس چوندو رهيو ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئل?? آهي ته هو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان ملي ان کي حل ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مفادن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي پوري قوت سان اجاگر ڪي?? آهي. هن چيو ته ڪاش آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ان جرئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني قدم کڻڻ جي جرئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو رهيو. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.