راولپنڊي-23 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آه?? ته فوج جي سياست ۾ مداخلت غير آئيني آه??، گذريل سال فيبروريءَ ۾ فيصلو ڪيو هو ته اڳتي ڪنهن سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ فوج هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي، اڳوڻي اوڀر پاڪستان فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي، اسان کي جمهوريت جي روح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آه??، سليڪٽيڊ ۽ امپورٽڊ جهڙا لقب ۽ رويا رد ڪري فتح ۽ شڪست کي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي يومِ دفاع ۽ شهداء تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد چيو ته اڄ يومِ شهداء پاڪستان کي آرمي چيف طور آخري ڀيرو خطاب ڪري رهيو آه??ان، ٻوڏ سبب يومِ شهدادء دير سان منعقد ڪيو ويو، شهيدن جا وارث اسان جو فخر آه??، انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين، 6 سال جي مُدي ۾ شهيدن جي پونيئرن کي هميشه اُتم رکيو، شهيدن جي قربانين جو صلو نٿا ئي سگهون جڏهن ت?? توهان جي پيارن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. آرمي چيف چيو ته مونکي فخر آه?? ته 6 سال هن فوج جو سپهه سالار رهيو آه??ان، فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت ڪرڻ آه??، جڏهن ت?? پاڪ فوج هميشه پنهنجي سگهه کان وڌي ڪري پنهنجي قوم جي خدمت ۾ هميشه اڳتي رهي آه??، ريڪوڊڪ جو معاملو هجي يا ڪار ڪي جو ڏنڊ، ايف اي ٽي ايف جا نقصان هجن يا ملڪ کي وائيٽ لسٽ سان ملائڻ يا فاٽا کي ضم ڪرڻ، بارڊر تي ڪنڊيدار تارون وڇائڻيون هجن يا قطر مان سستي گيس مهيا ڪرائڻ يا دوست ملڪن کان قرض جاري ڪرائڻ، ڪووڊ جو مقابلو يا ماڪڙ جو خاتمو، ٻوڏ دوران امدادي ڪارروايون هجن، فوج هميشه پنهنجي ميڊيٽ کان اڳتي وڌي قوم جي خدمت ڪئي آه?? ۽ انشاءَ الله ڪندي رهندي. هن چيو ته مان ت??هان کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن ڪمن باوجود فوج پنهنجي بنيادي ڪم ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ کان ڪڏهن به غافل نه ٿيندي، توهان ڄاڻو ٿا ته اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪو امن آه?? ان جي پويان اسان جي هزارين شهيدن جون قربانيون آه??، جن کي ڪڏهن به نٿو وِساري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون پنهنجي شهيدن کي وِساري ڇڏينديون آه?? اهي ختم ٿي وينديون آه??. آرمي چيف جنرل قمر جاويد چيو ته مان اڄ هڪ اهڙي موضوع تي پڻ ڳالهائڻ چاهيان ٿو جنهن ت?? اڪثر ماڻهو ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا ۽ اها ڳالهه 1971ع ۾ اسان جي فوج جي اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ ڪارڪردگيءَ بابت آه??. هن چيو ته مان هتي ڪجهه حقي??تو?? دُرست ڪرڻ چاهيان ٿو، اڳوڻو اوڀر پاڪستان هڪ فوجي نه پر هڪ سياسي ناڪام هئي. جنگ وڙهندڙ فوجين جو انگ 92 هزار نه صرف 34 هزار هو، باقي ماڻهو مختلف سرڪاري کاتن جا هئا ۽ انهن 34 هزار ماڻهن جو مقابلو اڍائي لک ڀارتي فوج، 2 لک تربيت يافته مڪتي ??اه??ي سان هو، جڏهن ت?? ان باوجود اسان جي فوج تمام بهادريءَ سان وڙهي ۽ بي مثال قربانيون پيش ڪيون، جنهن جو اعتراف پاڻ اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف فيلڊ مارشل مانيڪشا به ڪيو. انهن بهادر غازين ۽ شهيدن جي قربانين جو اڄ تائين قوم اعتراف ناهي ڪيو جيڪا تمام وڏي زيادتي آه??. هن چيو ته ڪجهه ڳالهيون سياسي صورتحال جي حوالي سان ڪرڻ چاهيندس، مان ڪافي سالن کان ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو هئس ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي خلاف ورزي ڀارتي فوج ڪندي آه?? پر ان جي عوام انهن کي تنقيد جو نشانو نه بڻائيندي آه??، ان جي ابتڙ اسان جي فوج ڏينهن رات قوم جي خدمت ۾ مصروف رهندي آه?? ۽ هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندي آه??. منهنجي ويجهو ان جو وڏو سبب 70 سال کان فوج جي مختلف صورتن ۾ سياست ۾ مداخلت آه?? جيڪو غير آئيني آه??، ان لاءِ گذريل سال فيبروريءَ ۾ فوج تمام گهڻي سوچ ۽ غور کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اڳتي فوج ڪنهن به سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. هن چيو ته مان ت??هان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان ت?? سختيءَ سان عمل ڪنداسين ۽ اڳتي به قائم رهنداسين، تڏهن ت?? ان آئيني عمل جي آجيان ڪرڻ بجاءِ ڪجهه حلقن فوج کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي غير مناسب ۽ ڪِريل ٻوليءَ جو استعمال ڪيو. فوج تي تنقيد عوام ۽ سياسي پارٽين جو حق آه??، جڏهن ت?? لفظن جي چونڊ ۽ استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. هڪ جعلي ۽ ڪوڙو بيانيو بڻائي ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ڪوڙي بيانيي کان راهه فرار اختيار ڪئي پئي وڃي. سول ملٽري ليڊرشپ کي غير مناسب لقبن سان سڏيو ويو، مان ت??هان کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته فوج جي قيادت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي پر ڪڏهن به ملڪ جي مفاد خلاف نٿي وڃي سگهي. مون کي اميد آه?? ته سياسي پارٽيون به پنهنجي روين ت?? نظرثاني ڪنديون، اسان کي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻ گهرجي، اڄ پاڪستان سنگين معاشي بحران جو شڪار آه??. ڪا به هڪ پارٽي انهن مسئلن مان نٿي ڪڍي سگهي، وقت اچي ويو آه?? ته اسٽيڪ هولڊرز ماضي جي غلطين مان سکي اڳتي وڌن، پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو، کٽڻ هارائڻ سياست جو حصو آه??، هر پارٽي کي پنهنجي شڪست ۽ فتح کي قبول ڪرڻو پوندو. اسان لاءِ پاڪستان نعمت خداوندي آه??. شهيدن جي پوئينرن جي تقريب ۾ آمد تي شڪر گذار آه??ان، اڄ تجديد عهد جو ڏينهن آه??، اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، مادر وطن لاءِ ڪنهن قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين، آرمي چيف چيو ته ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ملڪ ۾ هڪ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ آرمڊ فورسز هٿ تي هٿ رکي خاموشي ويهي رهندي؟ اهو ناممڪن آه??، پر اهو گناهه ڪبيره آه??، جيڪي ماڻهو اهي سمجهن ٿا ته هو فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهندا اهي به هميشه ناڪام ٿيندا، فوج جي قيادت وٽ ان نامناسب يلغار جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترائي موقعا ۽ وسيلا موجود هئا پر فوج ملڪ جي مفاد ۾ حوصلي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو به ناڪاري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه سڀني کي پنهنجي ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته ان صبر جي هڪ حد آه??، مان پنهنجي ۽ فوج خلاف ان نامناسب ۽ جارحاڻي رويي کي درگرز ڪري اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسان سڀني کان افضل آه??، ماڻهو ۽ پارٽيون ت?? اينديون وينديون رهنديون آه?? پر پاڪستان انشاءُ الله قائم رهندو. آرمي چيف چيو ته فوج ته پنهنجو ڪيٿارسس ش??وع ڪري ڇڏيو آه??، مون کي اميد آه?? ته اسان جون سياسي پارٽيون به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪنديون، اها به حقيقت آه?? ته پاڪستان ۾ هر اداري، سياسي پارٽي ۽ سول سوسائٽي کان به غلطيون ٿيون آه?? اسان کي انهن غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان اڄ سنگين معاشي ڏکيائين جو شڪار آه?? ۽ ڪا به هڪ پارٽي پاڪستان کي هن معاشي بحران مان نٿي ڪڍي سگهي، ان لاءِ سياسي استحڪام لازمي آه??. هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي ذاتي انا کي هڪ طرف رکندي ماضي جي غلطين مان سکن ۽ اڳتي وڌن ۽ پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍن. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ اسان کي جمهوريت جي روح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آه??. 2018ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪجهه پارٽين آر ٽي ايس جي ويهڻ کي بهانو بڻائي کٽيل پارٽي کي سليڪٽيڊ جو لقب ڏنو ۽ 2022ع ۾ اعتماد جو ووٽ وڃائڻ کانپوءِ هڪ پارٽي ٻي پارٽي کي امپورٽيڊ جو لقب ڏنو، اسان کي ان رويي کي رد ڪرڻو پوندو، کٽڻ ۽ هارائڻ سياست جو حصو آه?? هر پارٽي کي پنهنجي فتح ۽ شڪست قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو.