اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سائبر سيڪيورٽي کي قومي سرحدن ۽ قومي مفادن جي دفاع ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي، سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ سمورن شعبن ۾ خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق ۽ ترقي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي معيار ۽ انگ ۾ اضافي، اسڪولن ۽ مدرسن ۾ معياري ۽ مناسب تعليم جي فراهمي، اسڪولن کان ٻاهر 25 ملين ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ ضروري آهي، انهن قدمن سان مل?? جي تيز رفتار ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جي سينيئر آفيسرن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر مصنوعي ذه??نت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ان کي هر سطح ۽ سمورن فورمن تي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مسلسل فروغ ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان جي تعليم، تحقيق ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ان کي مڪمل طور تي قبول ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ان سان پاڪستان کي تيزي سان ترقي ڪندڙ مل?? ۾ تبديل ڪرڻ جي اسان جي ڪوششن ۾ تيزي ايندي. صدر چيو ته ڪمپيوٽر سائنسز ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ تيز رفتاري سان ايجادو?? ٿي رهيون آهن، ڪوانٽم ڪمپيوٽر سپر ڪمپيوٽرز کان هزار ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهن ۽ ان جي استعمال سان سمورن شعبن ۾ انقلابي تبديليون اينديون. هن چيو ته صحيح وقت تي ڪيل صحيح فيصلا، معياري فيصلاسازي، اسان جي سائنسدانن جي ذه??نت ۽ علم، تربيت يافته ۽ قابل انساني وسيلن ۽ صحيح رخ ۾ مسلسل ڪوششون مل?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي مضبوط بنياد رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. سائبر سيڪيورٽي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن به مل?? جي دفاع ۽ ڊيٽرنس ۾ سائبر سيڪيورٽي کي مرڪزي مقام حاصل هوندو ڇو ته قومي ڊيٽا جي حفاظت ۽ تحفظ، خدمتن جي بنا رڪاوٽ فراهمي، اهم قومي بنيادي ڍانچي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ مل?? ۽ عوام کي سائبر جنگ جي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ ان جي ضرورت پوندي. صدر چيو ته دنيا ۾ دستياب ڊيٽا جي وڏي ڪاٿي جي پروسيسنگ ڪوانٽم ڪمپيوٽرز ۽ مصنوعي ذه??نت جي استعمال سان ئي ممڪن آهي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ قيادت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي باڊي ٺاهي سگهجي ٿي ته جيئن لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ واضح رخ فراهم ڪري سگهجي. صدر چيو ته پوري دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ گريجوئيٽس جي سخت ضرورت آهي ۽ اهي قومون جن معيار ۽ مقدار ٻنهي لحاظ ک??ن تيز رفتاري سان آءِ ٽي گريجوئيٽ فراهم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هن انتهائي چٽاڀيٽي واري ماحول ۾ ترقي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي آءِ ٽي ماهرن جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن مل?? ۽ عالمي سطح تي پنهنجي آءِ ٽي تي ٻڌل روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ انتهائي ضروري انساني وسيلا فراهم ڪري سگهجن، جنهن سان اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي انتهائي ضروري ريليف ملي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته سڄي مل?? ۾ 60 کان 70 سيڪڙو نصاب هڪ جهڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته باقي علائقائي زبانن جي فروغ ۽ تحفظ ۽ صوبن جي ترجيحن ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ لچڪدار هجڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪو به معاشرو پنهنجي طاقت مذهبي تعليم ۽ قدرن، مل?? جي آئين ۽ قانونن ۽ ضابطن سان حاصل ڪري ٿو. هن چيو ته رياست جي سمورن ٿنڀن، پارليامينٽ، عدليه ۽ حڪومت کي هر حال ۾ ۽ سمورن ماڻهن تي هڪ جهڙي ۽ منصفاڻي طريقي سان قانون کي صحيح لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن قانونن کي انهن جي اصل روح، ارادي ۽ مقصد موجب مصنفاڻي طور تي لاڳو نه ٿو ڪيو وڃي ته ان سان معاشري ۾ بدانتظامي ۽ پولرائيزيشن پيدا ٿئي ٿي جنهن کان بچڻ جي ضرورت آهي.