اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن ها??ني??س ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن ها??ني??س کي ??وسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگ??ن تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن ها??ني??س کي ??ڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي ??نهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي ??نهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن ها??ني??س پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ??رجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي ??ثالي قرار ڏنو.