سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير?? اڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ ??هي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ۽ ڪش??ير??ن جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀ??رتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀ??رتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪش??ير??ن کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀ??رت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.