اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سعودي وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي الشمري ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، ??زي??اعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ??زي??اعظم سعودي عرب جي لاءِ ??يڙپڪاري بورڊ واري وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهازيب خان تي ٻڌل خصوصي ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي ته هو سعودي وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران ئي سمورين ڌرين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍي. ??زي??اعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي هدايت ڪئي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ پيل سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. ??زي??اعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ماڻهن جي لاءِ ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ پاڪستاني به سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. ??زي??اعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت توانائي جي ان سستي ۽ صاف ذريعي کي فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿئي ۽ عوام کي سستي بجلي پڻ فراهم ڪري سگهجي. ??زي??اعظم چيو ته سعودي عرب سدائين داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. ??زي??اعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??عودي عرب پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ??زي??اعظم ۽ و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چيو ته سعودي عرب گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.