اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان ج?? نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ت?? پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌيڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.