اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وز??راعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.