اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجل?? جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوا??ٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪال?? جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزيراعظم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجل?? جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ۾ مائننگ سيڪٽر جي ترق?? جي لاءِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لاءِ ناڻي واري وزا??ت، توانائي واري وزا??ت، پيٽروليم واري وزا??ت، صنعت ۽ پيداوار واري وزا??ت، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مائننگ سيڪٽر سميت سمورن شعبن جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن جي ڳولا لاءِ پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.