اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪرڻ گهر??ي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تحت پاڪستان جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ايف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سف??رشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر پاڪستان جي قومي ايف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽي جي سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سي??سي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ايف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ايف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.