اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو ??صولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ??اڻايل سبسڊي يو??يلٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ يو??يلٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي، ??نڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم ڪراچي ۾ يو??يلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يو??ٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ يو??يلٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي کي هن وقت ريليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طبقي جي ريليف جي لاءِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پيڙهيل طبقي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻايو وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طبقي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ ناڻي، وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي يو??يلٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، يو??يلٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پ??وگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يو??يلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ ت??ئي?? بلوچستان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 کان وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيست??ئي?? 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو ??ريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا سان واڳيل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 942 يو??يلٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پ??ي وڃي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موب??ئي?? اسٽورز جو ??ضافو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن جي لاءِ نه رڳو يو??يلٽي اسٽورز پر موب??ئي?? اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن ت??ئي?? سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پ??ي وڃي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي ۽ بلوچستان ۾ يو??يلٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.