اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمرا?? خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمرا?? خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ذميدار صرف عمرا?? خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمرا?? خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي ساز?? ڪري رهيو آهي، هو هٿيارن جي ز??ر تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام ج?? جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائ??ن ڪڍڻي پوندي.