اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب ات?? وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اه??ي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽ?? اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري ??فاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽ?? اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.