اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب ??مارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي ??ان متحده عرب ??مارات هڪ دور انديش اڳواڻ ۽ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو آهي، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي متحده عرب ??مارات جي حڪومت ۽ عوام ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.