اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪا اسان ??ي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا??ِ ڪافي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان ??ختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لا??ِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آبادگارن 822 ارب ??وپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ آبادگارن پاران يوريا جي وڌيڪ خريداري ٿي آهي، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ ڪڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لا??ِ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته آبادگارن کي خاص طور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪرڻ لا??ِ گهڻو اهم آهي.
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ربيع جي فصلن لا??ِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام لا??ِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خريداري کي روڪڻ لا??ِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي پروڊيوسرز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آبادگارن کي يوريا جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.