اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ??ين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??ين??ٽ سيڪري??ري?? موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??ه ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ??ين??ٽ چيئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف ??ين??ر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. ??ين??ٽ چيئرمين چي?? ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين چي?? ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ??ين??ٽ چيئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ ??ين??ٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.