اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ ??اء?? سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فارم س??ن، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ??اء?? جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ??يسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ??ان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ??يف?? ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪست??ن، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ ??اء?? سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن م??ن فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪست??ن، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪست??ن، سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته سارڪ پليٽ فارم ت??ن، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ??اء?? جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل ??اء?? پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.