اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن آن لائن اي تجارت ڪرائيندڙ گروپ ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بجارڪ مائيڪلسن سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪلسن جي آجيان ??ندي چيو ته پاڪستان ۾ اي تجارت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان ملازمت جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ به مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. ”دراز“ جي سي اي او پاڪستان ۾ اي تجارت جي توسيع ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪ??ڻ ۾ دلچسپي جو ??ظه??ر ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سينيٽر عون عباس بپي ”دراز“ جي ايم ڊي احسان سايا ۽ عماد خان به ملاقات ۾ موجود هئا.