اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير م??ئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلط??ن محمود چوڌري س??ن ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير م??ئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??ن موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير م??ئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير م??ئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير م??ئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مس??مانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مس??مانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ت?? مودي جي انتهاپسند ۽ مس??م??ن مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.