لاهور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي شرح شروعاتي مرحلي ۾ سڃاڻپ سان گهٽ ڪري سگهجي ٿي جنهن لاءِ عورتن کي هر مهيني پنهنجو پاڻ معائني جي عادت کي اختيار ڪرڻو پوندو، ڪنهن به تبديلي ??ي صورت ۾ ميمو گرافي ڪري سگهجي ٿي، ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي ??ان شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مهم جو ??ائره ڪار هاڻي ڏورانهن علائقن تائين وڌايو پيو وڃي، ڇاتي جي ڪينسر نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ خطري جو نشان بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به پاڪساتن ۾ آگاهي نه هجڻ ۽ شرم جو ??نصر جي ڪري موت جي شرح باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ڇاتي جي ڪينسر هاڻي نوجوان ڇوڪرين کي به ٿي رهيو آهي جڏهن ته هاڻي اها بيماري مردن ۾ به ڏٺي پئي وڃي، هر 8 مان هڪ عورت ان بيماري ۾ مبتلا آهي هر 30 منٽ بعد هڪ عورت ۾ ان جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، صحت جو ??المي ادارو پاڪستان ۾ ان بيماري جي آگاهي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته شوڪت خانم ڪينسر ڪيئر اسپتال، الشفا انٽرنيشنل، آرمڊ فورسز اسپتال ۽ وڏي سرڪاري اسپتال به ان بيماري خلاف جنگ ۾ پنهنجو ??هم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هو پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. بيگم ثمينه علوي چيو ته اڄ کيس ان پروگرام ۾ اچي خوشي ٿي رهي آهي ته يونيورسٽي ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت به ڏني پئي وڃي، شاگردن لاءِ ضروري آهي ته نصابي سان گڏوگڏ هم نصابي سرگرميون به منعقد ٿين، هن چيو ڇاتي جي ڪينسر نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ خطري جو نشان بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به پاڪساتن ۾ آگاهي نه هجڻ ۽ شرم جو ??نصر جي ڪري موت جي شرح باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، عورتن کي گهرجي ته هو هر مهيني پاڻ پنهنجو معائنو ڪن ۽ جيڪڏهن ڪا تبديلي ??حس??س ٿئي ته فوري طور تي ميمو گرافي ڪرائي وڃي. هن چيو ته صحت جو ??المي ادارو پاڪستان ۾ ان بيماري جي آگاهي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي جتي صحت جون سهولتون به بهتر نه آهن جڏهن ته شوڪت خانم ڪينسر ڪيئر اسپتال، الشفا انٽرنيشنل، آرمڊ فورسز اسپتال ۽ وڏا سرڪاري اسپتال به ان بيماري خلاف جنگ ۾ پنهنجو ??هم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.