دبئي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغان حڪومت کي هڪطرفي طور تي تسليم نه ڪنداسين، افغانستا?? جي صورتحال سڌوسنئون پاڪستان تي اثرانداز ٿئي ٿي، ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ نريندر مودي آهي، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته پاڪستان ٻن وڏين منڊي?? جي وچ ۾ هوندو، ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شي?? جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، زرعي معيشت ۾ 1100 ارب رپيا منتقل ٿيا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي فروغ ملي رهيو آهي، اسان وٽ 2023ع تائين ٽيڪسٽائيل جا وڌيڪ آرڊر وٺڻ جي گنجائش نه آهي، تعميرات جي شعبي ۾ پڻ رڪارڊ سيڙپڪاري ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اسا?? جي خواهش آهي، افغانستا?? جي صورتحال سڌوسنئون پاڪستان تي اثرانداز ٿئي ٿي. هن چيو ته اسا?? جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي سهارو ڏيون، افغانستان ۾ ام?? جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، اسان طالبان کي ٺوس حڪومت ٺاهڻ، آمريڪا ۽ اولهه کي افغان حڪومت کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان خطي جي ٻين ملڪن سان گڏ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، هڪطرفي طور تي افغان حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين. هن چيو ته افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته اهي ٻين گروپن کي به گڏ کڻي هلن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت وڌڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيو آهي، اسا?? جي ترجيح آهي ته افغانستان ۾ استحڪام اچي، اسان ڊالر جي اسمگلنگ کي به روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. هن چيو ته اسان افغانستان کي امداد به فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن جو مقصد افغانستان ۾ استحڪام آڻڻ آهي ته جيئن اتي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت قائم ٿئي جنهن سان اسان لاڳاپا قائم ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شي?? جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مه??نگائي تي آبطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن سال پاڪستا?? جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي انب?? جي ايڪسپورٽ ٿي، ايندڙ سيزن ۾ ڪينو جي پڻ بمپر فصل جي اميد آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا زرعي معيشت ۾ منتقل ٿيا جنه?? جي نتيجي ۾ ڳوٺن ۾ خوشحالي آئي، موٽرسائيڪل?? جي وڪري ۾ اضافو ٿيو، ٽريڪٽرز جو وڪرو پڻ ٻيڻ تي وڌيو خاص طور تي ننڍين گاڏي?? جي وڪري ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اڪثر وڪرو ڳوٺ?? جي مارڪيٽن ۾ ٿيو. هن ٻڌايو ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جو سيڪٽر مڪمل طور تي بند هو، اسان ان سيڪٽر کي بحال ڪيو، هاڻي 2023ع تائين اسان وٽ وڌيڪ آرڊرز وٺڻ جي گنجائش نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته تعميرات جي شعبي ۾ پڻ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، گذريل 14 مهينن دوران تعميرات جي شعبي ۾ اٽڪل 600 ارب رپي?? جي سيڙپڪاري ٿي ۽ ٽي لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستا?? جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اوورسيز پاڪستانين پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو آيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پاڪستا?? جي معيشت اوورسيز پاڪستاني?? جي ڪري بيٺل آهي. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي، ڪابينا جي هر اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستاني?? جي مسئلن تي ڳالهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ٻاهرئين ملڪ معمولي ڏوهن ۾ قيد 16 کان 20 هزار قيدين کي وطن واپس آندو، ڪڏهن به ڪنهن حڪومت انهن قيدي?? جي آزادي جي لاءِ قدم نه کنيا هئا. هن چيو ته اسان پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو، اڄ اسان جا سفارتخانا سمنڊ پار پاڪستاني?? جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان اوورسيز پاڪستاني?? جي مسئل?? جي حل تي زور ڏنو آهي ۽ اسان انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پڻ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئ?? جي حوالي سان چيو ته سمورن پاڪستاني?? جي دل پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳنڍيل آهي، ڪرڪيٽ ئي اسان سڀني کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، سمورن ماڻهن جون دعائون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان پرجوش آهيون ته پاڪستان اها مئچ کٽيندو ۽ پاڪستاني?? جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اسان جو فخر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته پاڪستان ٻن وڏين منڊي?? جي وچ ۾ هوندو ۽ اسان وچ ايشيائي رياستن کي هڪ اهم ڪوريڊور ڏئي سگهنداسين. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلم ڪش حڪومت اقتدار ۾ آهي، جڏهن کان نريندر مودي اقتدار ۾ آيو آهي هن اقليتن ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو، نريندر مودي جي رويي جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر نه ٿي سگهيا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ مقبول ترين شخصيت آهي، جيڪڏهن عمران خان دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو جلسو نريندر مودي جي جلسي کان وڏو هوندو. هن چيو ته هي موقعو هو ته ڀارت ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهيا پئي پر نريندر مودي جي رويي جي ڪري انهن لاڳاپن ۾ بهتري نه ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي عام ماڻهو کي سوچڻ گهرجي ته انهن لاڳاپ?? جي بهتري جا ڪيت??ا فائدا آهن، ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي ۽ ڪشمير کي آزادي ڏني وڃي ته ان جو فائدو پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني?? جي لاءِ اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن، وراثت جي سرٽيفڪيٽ جي لاءِ اڳ ۾ اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان اچڻو پوندو هو، ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر لڳندا هئا، ان مسئلي کي اسان حل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اوورسيز پاڪستاني نادرا جي آن لائن پورٽل جي ذريعي وراثت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا.