اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده عرب امارات جي ماڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، ??وا??ر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ متحده عرب امارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري ??هي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. امارات نيوز ايجنسي کي هڪ ??صو??ي انٽرويو ۾ صدر چي?? ته ??وا??ر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چي?? ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿو ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده عرب امارات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ اهو اسان پاڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چي?? ته متحده عرب امارات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري ??ئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سند?? ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده عرب امارات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان متحده عرب امارات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ??هيو آهي، جيئن ته اسان وٽ ??صو??ي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪاري ??ي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان وٽ ??صو??ي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها سيڙپڪاري ??ي جنت آهي، صدر متحده عرب امارات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.