دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چي??ي پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چي?? ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چي?? جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چي?? پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن ک??ن ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چي?? ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چي?? هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چي?? ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران ک??ن بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ ق??م کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ت?? ٻنهي طرفن ک??ن اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.