اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروب??ري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ??در چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ??در چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قومي ??رث?? جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. ??در چيو ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ??در پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪستان ۾ ڪاورب??ري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.