اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحا?? جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپ?? جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چي?? ته پاڪستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چي?? ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنبن ۾ شامل آهن. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏن?? ۽ ??ي?? ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪي?? ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحا?? جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پاڪستان جي ڪردار ??ي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.