اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل ??ين?? ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خا??مي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪست??ن جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خا?? طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگ??ر پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ بل ??ين?? ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خا?? طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خا??مو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خا??مي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خا??مي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدارن جي تعاون سان پوليو جو خا??مو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.